شاهنواز ايم. ڪي دل

شاهنواز ايم. ڪي دل

شاهنواز ايم ڪي دل

شاهنواز ايم. ڪي دل: نوجوان ليکڪ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ولد مجنون خان- دل، 22 مئي 1974ع تي ڳوٺ يار محمد دل تعلقي ٽنڊي باگي (ضلعي بدين) ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان، سيڪنڊري ديهه 170 ڊگهڙيءَ جي اسڪول مان جڏهن ته انٽر گورنمنٽ اسلاميه ڪاليج بدين مان 1992ع ۾، ايم. بي. بي. ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1998ع ۾ ڪيائين. هن 2006ع ۾ سائيڪاٽرڪ ميڊيسن ۾ ڊپلوما ڪئي. پاڻ 2005ع کان 2010ع تائين ايم. ڊي سائيڪياٽري واري تربيت ورتي، جڏهن ته منشيات جي علاج جو آمريڪن امتحان ICAP-1 2015ع ۾ پاس ڪيو. هن وقت هيءُ سنڌ جي مشهور نفسياتي علاج واري اداري ’سرڪائوسجي انسٽيٽيوٽ آف سائيڪيٽري، حيدرآباد ۾ سائيڪيٽرسٽ طور خدمتون سر انجام ڏئي ٿو. پاڻ WHO جي مينٽل هيلٿ گيپ پروگرام جو حيدرآباد لاءِ ڪوآرڊينٽر پڻ آهي. قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ مقالا پيش ڪري چڪو آهي. پاڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ادبي رسالن ’ڪينجهر‘ ۽ ’ادب‘ ۾ ڪهاڻيون لکندو رهيو ۽ ان عرصي دوران ٻارن جو رسالو ‘ماڪ ڦڙا’ پڻ دوستن سان گڏجي جاري ڪيائين. 1992ع کان سنڌي اخبارن ۾ لکندو رهي ٿو. صحت، سماجي، سياسي ۽ عالمي مسئلن تي سندس ڪالم به مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. 2011ع کان ا‘ايم ڪي هيلٿ مخزن’ جاري ڪيو، جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر آهي. پاڻ ‘ڪلياڻ’ ۽ ‘پڙاڏو’ اخبارن جو اعزازي چيف ايڊيٽر آهي.
2009ع ۾ ڊاڪٽر شاهنواز پنهنجي والد جي نالي سان منسوب ايم. ڪي جنرل اسپتال حيدرآباد ۾ قائم ڪئي، جتي فلاحي مقصدن تحت مناسب فيس تي منشيات ۽ نفسياتي بيمارين جي علاج جون جون سهولتون موجود آهن. پاڻ بدين ۾ هر آچر تي مفت او پي ڊي ڪندو آهي. ڊاڪٽر شاهنواز دل، هنياتي ۽ طب، نفسيات جي مختلف اصطلاحن ۽ لفظن جي ڊڪشنري ترتيب ڏيڻ سان گڏ نفسياتي بيمارين بابت آگاهيءَ تي ڪتاب ترتيب ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.05.22  عيسوي

ڊاڪٽر شاهنواز ولد مجنون خان- دل، 22 مئي 1974ع تي ڳوٺ يار محمد دل تعلقي ٽنڊي باگي (ضلعي بدين) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهورايو سومرو
غنويٰ ڀٽو
اميشا پٽيل
ايشوريا راءِ
تاج الدين انصاري
ببيتا
جلال محمد مخدوم
جوڻيجو غياث الدين
آغا سليم
هما مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون